پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ميرواهه گورچاڻي واسي پورهيت ڪرنٽ ۾ فوت

ميرواهه گورچاڻي: ڪراچي قائد آباد واري علائقي ۾ هوٽل تي مزدور ڪندڙ ميرواہه گورچاڻي جو رھواسي پورهيت نوجوان انور خاصخيلي 11 هزار بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. ميرواھه گورچاڻي ڀرسان ڳوٺ ڪنگورو جو رهواسي 18 سالن جو انور ولد گل محمد خاصخيلي ڪراچي قائد آباد واري علائقي ۾ هوٽل تي محنت مزوري ڪندو هو، جتي نوجوان کي هوٽل جي ڇت تي گذرندڙ 11 هزار وولٽين واري تارن مان ڪرنٽ لڳي ويو، جيڪو موقعي تي فوت ٿي ويو. هوٽل مالڪ ٻڌايو ته انور ٽانڪي مان پاڻي نه اچڻ سبب چيڪ ڪرڻ مٿي ويو هو ته کيس ڪرنٽ لڳي ويو، اسان کيس جناح اسپتال پهچايو، جتي هو فوت ٿي ويو. ٻئي پاسي ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش اباڻي ڳوٺ ڪنگورو آندو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. رابطي ڪرڻ تي فوتي انور جي مامي ڪريم بخش خاصخيلي ٻڌايو ته ڪرنٽ لڳڻ سبب ڀاڻيجو فوت ٿيو آهي، وڌيڪ اسان کي ڪا خبر ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button