ميرپورخاص : ميرپورخاص جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ عورت مسڪان کوکر جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سندس ڏير علي حيدر راجپوت ۽ سس امتياز بي بي کي 25-25 سال قيد جي سزا جو فيصلو ڏئي ڇڏيو. 2021ع ۾ نئون ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ عورت مسڪان کوکر قتل ٿي وئي ھئي، جنھن جو ڪيس مقتولا عورت جي والد تنوير کوکر جي فرياد تي مقتولا عورت جي ڏير علي حيدر راجپوت ۽ سندس سس امتياز بي بي مٿان داخل ڪيو ويو ھو، ڪيس ڪورٽ ۾ ھلندڙ ھو، جنھن جو ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي عورت جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار علي حيدر راجپوت ۽ سندس ما کي عمر قيد 25-25 سال سزا ڏني. عدالت جوابدار ما ۽ پٽ کي عورت جي وارثن کي 43 لک 18 ھزار 500 رپيا ادا ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو، عدالتي فيصلي بعد ما پٽ کي جيل منتقل ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close