اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

نيلم جهلم سرچارج جي مد ۾ 5 ڏهائي 8 ارب بنا سبب اوڳاڙڻ جو انڪشاف

اسلام آباد:پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ صارفين کان نيلم جهلم سرچارج جي مد ۾ 5 ڏهائي 8 ارب رپيا بنا سبب وصول ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو. خميس تي پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نورعالم خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ توانائي وزارت بابت سال 2021-22 جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊسمبر 2018 کان جون 2021 تائين مختلف ڊسڪوز ۾ صارفين تي 5 ڏهائي 8 ارب نيلم جهلم سرچاج لاڳو ڪيو ويو. ڪميٽي بنا جواز اوڳاڙيل پئسا صارفين کي واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته بنا جواز اوڳاڙيل پئسا صارفين کي واپس ڪرڻ گهرجن. توانائي واري سيڪريٽري چيو ته هي پئسا نيلم جهلم رٿا لاءِ گڏ ٿيندا هئا، 9 ارب نيلم جهلم ڪمپني کي ٽرانسفر ڪيا ويا. ڪميٽي ميمبر حسين طارق چيو ته منصوبو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ9 ارب رپيا وصول ڪيا ويا اهي آهن ڪٿي؟ سيڪريٽري چيو ته پئسا بلن ۾ ايڊجسٽ ڪري ڇڏينداسين، ايڊجسٽمينٽ جي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button