مٺي: مٺي ۾ سيڪنڊري جي شاگردن حقدار شاگردن جو حق ماري مارڪون وڪرو ڪرڻ تي تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هائي اسڪول نارٿ ڪالوني جي شاگردن ڳالهائيندي چيو ته ميرپورخاص بورڊ انتظاميا پئسن تي مارڪون وڪرو ڪري اسان سان ناانصافي ڪئي آهي، جيڪي شاگرد سي ۽ ڊي گريڊ جي لائق آهن، انهن کي اي ون گريڊ ڏنو ويو آهي، پر انهن شاگردن جي اسڪول ۾ پوزيشن زيرو آهي، ان ڳالهه مان ثابت ٿي ويو آهي ته بورڊ انتظاميا پئسن تي مارڪون وڌائي اسڪول ۽ شاگردن کي پوزيشن ڏني آهي. ميرپورخاص بورڊ انتظاميا امتحان وٺڻ ۽ نتيجا ڏيڻ کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. اسان کي پنهنجو حق نه مليو ته سخت احتجاج ڪنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close