پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ عمر مڱريو جي ڪتاب جو مهورت، 4 ايوارڊ ڏنا ويا

عمرڪوٽ: سنڌ جي ناليواري ھاڪاري سائنسدان، تعليمدان، اديب ۽ ليکڪ پروفيسر محمد عمر مڱريو جي ڪتاب جي مهورتي تقريب گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ ٿي. عمرڪوٽ جو آواز فورم طرفان ڪوٺايل تقريب ۾ نامياري اديبن، تعليمدانن ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي پرفيسر محمد عمر مڱريو چيو ته مون پنھنجي سڄي ڄمار انسانيت جي خدمت ڪندي گذاري آھي، غريب ماڻھن جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لا مفت ھاسٽلون قائم ڪرايون، غريب ٻارن کي مفت ۾ پڙھائڻ سميت داخلائون ڏياريون، منھنجو ادبي پورھيو عالم انسانيت لا آھي. ان موقعي تي ناليواري شاعر اديب طارق امام جوڻيجو چيو ته پروفيسر محمد عمر مڱريو جون خدمتون ناري پٽ جا ماڻھو ورھين گذرڻ کانپو به وساري نه سگھندا، ھن عمرڪوٽ ۽ ٿر جي ماڻھن لا ھڪ يونيورسٽي طور ڪم ڪيو آھي. گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر عبدالرئوف سومرو چيو ته محمد عمر مڱريو جون خدمتون ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ لا مثالي رھيون آھن، پاڻ پنھنجي دور ۾ علمي ۽ ادبي سرگرميون ڪرايون ۽ شاگردن کي تربيت ڏياري. ان موقعي تي مولانا عبدالقادر جمالي، ڊاڪٽر پرتاب را ميگھواڙ، ليکڪ لياقت جوڻيجو، ارباب نيڪ محمد، محمد قاسم راھمون، منظور ڪنڀر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. پروفيسر محمد عمر مڱريو کي تعليمي خدمتن تي ڊگري ڪاليج جي پرنسپال عبدالروف سومرو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپورخاص ريجن پروفيسر ممتاز علي سومرو، پروفيسر عبدالقيوم ڪنڀر، پروفيسر اڪبر علي خاصخيلي ۽ ٻين لائيف ٽائيم اچيومينٽ، عمرڪوٽ جو آواز فورم طرفان طارق امام جوڻيجو، عبدالڪريم، تبسم مڱريو، رسول بخش رحمداڻي، غلام محمد ڪنڀر، عبدالله کوسو لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ، بھترين ڪتاب لکڻ تي عمرڪوٽ جو آواز فورم طرفان مڃتا ايوارڊ ۽ آل سنڌ مڱريا ويلفيئر ايسوسيئيشن عمرڪوٽ پاران پڻ مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button