پاڪستانسنڌ

اقتداري ڌر سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿي:عوامي تحريڪ

مٺي/ڪلوئي: مٺي ڀرسان عوامي تحريڪ جي کاھوڙي ڪردار اڳوڻي ضلعي صدر صحافي مرحوم حسن پسايو جي 20 هين ورسي ۽ ڊجيٽل آدمشماري خلاف ڳوٺ کوروڙو ۾عوامي جلسو ڪوٺايو ويو، ورسي جي موقعي تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڪامريڊ حسن پسايو جي آخري آرامگاهھ تي گلن جي چادر چاڙھي سرخ سلامي پيش ڪيو. جلسي کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، اوڀايو جوڻيجو، مير حسن آريسر، وسند ٿري، مجيد پسايو، ماما اشرف رند، اياز کوسو، مگھنو ڪولھي، نور محمد بجير، محمد خان لنڊ، وڪيل ديال صحرائي، عمر بجير، نور محمد کوسو، قيمت را، سائٔينداد ھنگورجو، رحمان نهڙي، الھبچايو چارو، ممتاز قاسماڻي اوٺو، ميوارام ساقي، چندر ڪولھي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حسن پسايو ھڪ وطن دوست ۽ مظلوم دوست ڪردار ھو، هو سڄي عمر عوامي تحريڪ سان سچو رھيو. ھن ڌرتي لا پنڌ ڪيا. اڳواڻن وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته اقتداري ڌر سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لا بوگس ڊجيٽل آدمشماري جو ڍونگ ڪري تباهھ ڪرڻ چاھي ٿي، حڪمران ڌر ڌارين، افغانين، برمين ۽ بھارين کي سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ترسائي غير قانوني ۽ غير آئيني مستقبل رھائٔش ڏئي ڳڻپ ۾ شمار ڪرڻ جي سازش سٽي رھي آھي، جنهن خلاف عوامي تحريڪ ڀرپور جدوجھد ذريعي سنڌي قوم کي سجاڳي جو سڏ ڏيڻ سان گڏ ھلندڙ جدوجھد ۾ ڀاڱي ڀائٔيوار ٿيڻ جي اپيل ڪري ٿي. حڪمران ٽولو ھڪ پاسي عام واهپي جي شين جا ھٿرادو اگھه وڌائي بدترين مھانگائي ڪري عوام کي پيڙھي رھيو آھي، ٻئي پاسي مزدورن، ھارين ۽ پورھيتن جو استحصال ڪري کين تباھه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آھي، جنھن جو عوامي تحريڪ مقابلو ڪري رھي آھي، عوامي تحريڪ سنڌ دشمن منصوبن خلاف پرامن جھموري جدوجھد جاري رکندي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته وفاقي وزير احسن اقبال آدمشماري بابت خدشا رکندڙن کي شرپسند چوڻ تي ملڪ جي عوام کان معافي وٺي. ڊجيٽل آدمشماري وقت کان هڪ دهشتگرد ٽولي جي فرمائش تي ڪرائي پئي وڃي، جنهن کي رد ڪريون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button