پاڪستانسنڌ

نصير ڪنڀار جي ڪهاڻين ۾ ٿر جي پيڙائن جي عڪاسي آھي:مير حسن آريسر

مٺي: مٺي ۾ سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار نصير ڪنڀار جي ڪهاڻين جي نئين ڪتاب “جهرڪيون اڏامي ويون” جي مهورتي تقريب ۾ مقررن ڳالهائيندي چيو آھي ته نصير ڪنڀار جي ڪهاڻين ۾ سماج جو درد ۽ پيڙاهه اوتيل آھي، سندس تحرير تلوار جيان نظر اچي ٿي ۽ ڪهاڻين ۾ سماج جي محرومين کان وٺي عوامي جدوجهدن جي مزاحمت لا اتساهه تائين ڪيترن اهڙن موضوعن ۽ ڪردارن جي چونڊ ڪئي وئي آھي، جيڪا چونڊ ھر ڪوئي ليکڪ ناهي ڪري سگهندو. ان ڏس ۾ ٿر سجاڳ سٿ پاران بينظير ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ ڪوٺايل مهورتي تقريب ۾ سنڌ جي اديبن، ليکڪن ۽ ڪهاڻيڪارن خالد ڪنڀار، شبير نظاماڻي، حاجي ساند، نصير ڪنڀار، شمس مڱريو، دليپ ڪوٺاري، حاجي حاميد ڪنڀار، ممتاز نهڙيو ۽ ڀارو مل امراڻي سميت وڏي انگ ۾ نوجوانن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڪتاب جي ليکڪ ۽ نامور ڪهاڻيڪار نصير ڪنڀار چيو ته مون سماج ۾ جيڪو درد ۽ پيڙاهه اکين سان ڏٺو، ان کي ڪهاڻين ۾ اوتيو آھي، منهنجين ڪهاڻين جا سمورا ڪردار حقيقي آھن، اڄوڪي پروگرام ۾ مون کي وڌيڪ لکڻ جو اتساهه مليو آھي. ليکڪ ۽ صحافي شبير نظاماڻي ڳالهائيندي چيو ته نصير ڪنڀار جي ڪهاڻين ۾ ايترو درد آھي جو پڙھندڙ خود کي به پڙھندي پڙھندي پيڙاهه مان گذرڻو ٿو پوي، هن ڪهاڻين ۾ وطن جو درد اوتيو آھي، جهرڪيون اڏامي ويون ڪهاڻي ۾ به وڏو درد آھي. هن چيو ته حسن درس تي لکيل ڪهاڻي کي هن وڏي حسناڪي سان لکيو آھي. هن چيو ته نصير ڪنڀار سنڌ جو سنجيده ڪهاڻيڪار ۽ عوام جو طرفدار ليکڪ آھي. ليکڪ مير حسن آريسر ڳالهائيندي چيو ته نصير ڪنڀار جي ڪهاڻين کي پڙھڻ کانپو محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي ڏات هاڻي پنهنجي وسيلن بچائڻ لا وڙھڻ شروع ڪيو آھي. نصير ڪنڀار جي ڪهاڻين ۾ ٿر جي سماجي زندگي، تڪليفن ۽ پيڙائن جي عڪاسي ٿيل آھي. هن چيو ته سنڌ ۾ پسند ان ڪهاڻي کي ڪيو ويندو آھي، جنهن ۾ سورهيائي جو ذڪر هجي، نصير پنهنجي الڳ لهجي جو ڪهاڻيڪار ٿي اسانجي سامهون آيو آھي، سندس ڪهاڻيون ٿر جي عام زندگي جو عڪس آھن. ليکڪ خالد ڪنڀار ڳالهائيندي چيو ته نصير ڪنڀار جون ڪهاڻيون ٿر جي ماضي ۽ حال جو آئينو آھن، جن ۾ محرومين ۽ پيڙائن جا اهڙا منظر چٽيل آھن، جن کي پڙھڻ سان اکين جا بند ٽٽي پون ٿا، نصير سنڌ جو سڀيتو ۽ سنجيده ڪهاڻيڪار آھي. تقريب کي شاعر حاجي ساند خطاب ڪندي چيو ته نصير ڪنڀار اسان رائيٽرس جو رول ماڊل آھي، سندس ڪهاڻين جا سمورا ڪردار علامتي نه پر حقيقي آھن، ٿر جي مٽي خوشنصيب آھي، جنهن کي عبدالقادر جوڻيجي کانپو وري نصير ڪنڀار جهڙا ڪهاڻيڪار مليا آھن. صحافي ممتاز نهڙيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڪهاڻيڪارن ۾ نصير ڪنڀار جو شمار ٿئي ٿو، نصير جي ڪهاڻين جي لفظ لفظ ۾ ماروئڙن جو درد سمايل آھي. تقريب کي شمس مڱريو، دليپ ڪوٺاري، ڀارو مل امراڻي، حاجي حميد ڪنڀار، الماس نهڙيو، سالم سميجو، آڪاش هميراڻي، سنگتراش ۽ ٻين خطاب ڪيو. هوڏانهن نوجوان راڳين نزاڪت صادق فقير ۽ جاويد مراد فقير محفل موسيقي ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button