پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ گئس سلينڊر ڦاٽي پيو، ڪلينر فوت، ڊرائيور مرڻينگ

ميیرپورخاص: ميرپورخاص ۾ مرغي جو ڪچرو کڻي ويندڙ شھزور گاڏي ۾ ڪوس گهر ويجهو ڪلٽي ٿيڻ سبب گئس سلينڊر ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪلينر سڙي فوت ٿي ويو ۽ سندس ڊرائيور مامو سخت زخمي ٿي پيو. ان سلسلي ۾ ميرپورخاص ۾ مرغي جو ڪچرو کڻندڙ شھزور گاڏي ڪچرو خالي ڪرڻ بعد واپس اچي رھي ھئي ته محمود آباد ٿاڻي جي حد ڪوس گھر وٽ اوچتو گاڏي ڪلٽي ٿي وئي، جنهن سبب گاڏي ۾ لڳل گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ۽ گاڏي کي باهه وڪوڙي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ٽنڊوآدم ناڪي جو رھواسي گاڏي جو ڪلينر 22 سالن جو خادم علي سولنگي پٽ امير بخش ٿڏي تي مڪمل سڙي فوت ٿي ويو. جڏهن ته گاڏي جو ڊرائيور اشرف سولنگي سڙي سخت زخمي ٿي پيو. واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال میرپورخاص آندو ويو، جتان زخمي اشرف سولنگي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو. جڏهن ته فوتي ۽ زخمي پاڻ ۾ مامو ڀاڻيجو ٿين ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button