اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جنهن سياسي ليڊر وٽ عوام جي طاقت هوندي آهي اهو غنڊن جو سهارو نه وٺندو آهي، زمان پارڪ ۾ هن وقت دهشتگرد ۽ ڪالعدم تنظيمن جا ڪارڪن موجود آهي، ڇا انصاف جٿن ۽ ڌمڪين کان ڊڄي ويو آهي؟ عدالت ويندڙ شخص گاڏي تي ڏنڊا ۽ هٿيار ڏيکاري رهيو آهي پر پو به کيس رليف ملي رهيو آهي ۽ ڪير به پڇڻ وارو ناهي. لاهور ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته هڪ ڪوڙو، چور، دهشتگرد ۽ ڪرپٽ شخص سرعام گهمي رهيو آهي، جنهن کي رليف جا بنڊل ملي رهيا آهن، ڇا عمران خان آئين ۽ قانون کان مٿانهون آهي، 65 پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪندڙ کي آساني سان ضمانت ملي وڃي ٿي، ساهمي جا پڙ برابر ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close