اسلام آبادپاڪستان

عمران کي وري رليف، ڇا انصاف جٿن ۽ ڌمڪين کان ڊڄي ويو آهي؟ وفاقي حڪومت

اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جنهن سياسي ليڊر وٽ عوام جي طاقت هوندي آهي اهو غنڊن جو سهارو نه وٺندو آهي، زمان پارڪ ۾ هن وقت دهشتگرد ۽ ڪالعدم تنظيمن جا ڪارڪن موجود آهي، ڇا انصاف جٿن ۽ ڌمڪين کان ڊڄي ويو آهي؟ عدالت ويندڙ شخص گاڏي تي ڏنڊا ۽ هٿيار ڏيکاري رهيو آهي پر پو به کيس رليف ملي رهيو آهي ۽ ڪير به پڇڻ وارو ناهي. لاهور ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته هڪ ڪوڙو، چور، دهشتگرد ۽ ڪرپٽ شخص سرعام گهمي رهيو آهي، جنهن کي رليف جا بنڊل ملي رهيا آهن، ڇا عمران خان آئين ۽ قانون کان مٿانهون آهي، 65 پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪندڙ کي آساني سان ضمانت ملي وڃي ٿي، ساهمي جا پڙ برابر ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button