پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ پاڻ کان 55 سال وڏي پولش عورت سان نوجوان شادي ڪري ڇڏي

ڪراچي: سوشل ميڊيا تي اڄ ڪلھه اھڙي شادي جو چرچو ھلي رھيو آھي، جنهن ۾ ڪنوار گھوٽ کان ٻھ چار نھ پر پورا 55 سال وڏي آھي، گھوٽ کان تقريبن ٽيڻ تي وڏي ھن ڪنوار جو تعلق پولينڊ سان آھي، جيڪا پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ سمورين ڏکيائين باوجود پاڪستان اچي وئي آھي ۽ ٻنھي شادي ڪري ڇڏي آھي ۽ پنھنجي زندگي خوشي سان گذاري رھيا آھن.

پنھنجي ھڪ بيان ۾ 28 سالن جي نوجوان جو چوڻ ھو تھ ھُن جي 83 ورھين جي عورت سان ملاقات سوشل ميڊيا جي ذريعي ٿي ۽ پوءِ ٻئي ھڪٻئي جي ويجھو اچي ويا، شادي کان اڳ پولش عورت بابرا اسلام قبول ڪيو ۽ ھاڻي ان جو نالو فاطما آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button