پاڪستانپنجاب

ڇا 8 آڪٽوبر تي حالتون ٺيڪ ٿي وينديون؟ سپريم ڪورٽ آخري اميد آهي:عمران خان

تحريڪ انصاف اڄ لاهور ۾ مينار پاڪستان تي پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي. پي ٽي آئي ترجمان موجب جلسو رات جو 9 وڳي کان پوءِ شروع ٿيندو ۽ سحري تائين جاري رهندو، اسان کي يقين آهي ته تحريڪ انصاف ماضي جي پنهنجي سمورن جلسن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندي. ٻئي طرف عمران خان مينار پاڪستان جلسي جي حوالي سان وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته 25 مارچ تي مينار پاڪستان ۾ هن سال جو پهريون جلسو ڪري رهيو آهيان، هي جلسو ان لاءِ ڪري رهيو آهيان ته مان پنهنجي قوم کي تيار ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇو ته پاڪستان اڄ جنهن نازڪ موڙ تي بيٺو آهي مون کي سڄي قوم جي ضرورت آهي، مان اوهان سڀني کي ٻڌائيندس ته اسان کي پنهنجي آئين، قانون ۽ عدليا سان گڏ بيهڻو آهي، توهان کي اهو به ٻڌائيندس ته هن امپورٽيڊ چورن جي حڪومت ملڪ کي جنهن ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، هاڻي پاڪستان کي ڪيئن هن مشڪل وقت مان ٻاهر ڪڍڻو آهي، عدليا ۽ ملڪ جي بقا لا اسان سڀني کي يڪجهتي ڏيکارڻي پوندي. پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته جڏهن اوهان آئين مان نڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو ته ان جو مطلب پوءِ اوهان 8 آڪٽوبر کان به اڳتي نڪري ويندا، هاڻي سموريون اميدون سپريم ڪورٽ ۾ آهن، چونڊن لاءِ 8 آڪٽوبر تي ڪهڙي شي ٿيندي، ڇا هن وقت معاشي حالتون ٺيڪ ٿي وينديون، هاڻي سپريم ڪورٽ ئي پاڪستان کي جهنگ جي قانون مان نڪرڻ لاءِ بيٺي آهي. هاڻي ڪوئي ٻيو رستو نه بچيو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت تي 95 سيڪڙو ڪيس سندن پنهنجي حڪومتي دورن جا آهن، اسان جي دور جو ته انهن جي خلاف هڪ به ڪيس ناهي، نوازشريف پاناما جي عالمي سطح جي انڪشاف ۾ پڪڙيو ويو، اسحاق ڊار انهن جي پنهنجي دور ۾ ڀڄي ويو هو، شهبازشريف جو ناٺي به سندس دور ۾ ڀڳو هو، اسان جي دور ۾ رڳو شهباز شريف خلاف ڪيس داخل ٿيو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسان جي ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، قوم مون کي 50 سالن کان سڃاڻي ٿي پر مون تي دهشتگردي جا 40 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڇا ڪير مڃڻ لاءِ تيار آهي ته مون 40 دفعا دهشتگردي ڪئي؟ هن چيو ته جڏهن اوهان قانون جا بخيا اڊيڙيو ٿا ته انصاف ۽ حڪومت تي عوامي اعتماد وڃائي ويهو ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت اوهان ۾ ۽ بنانا ريپبلڪ ۾ ڪوئي فرق نٿو بچي، بنانا ريپبلڪ ۾ قانون ۽ انصاف نالي ڪائي شئي نه هوندي آهي، امير ۽ غريب ملڪ ۾ فرق رڳو قانون جي حڪمراني جو هوندو آهي. صحافين جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ نواز شريف جو سياسي موت ٿيڻ وارو آهي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ختم نه ڪندي ته پو سوال اهو آهي ته آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪيئن ٿينديون؟ ائين ته هي ڪڏهن به چئي ڇڏيندا ته اسان وٽ اليڪشن لا پئسا نه آهن، هتي جهنگ جو قانون آهي، 8 آڪٽوبر تي نيٺ ڪهڙي شي ٿيندي جيڪا هاڻي ناهي، ڇا تڏهن ملڪ جون معاشي حالتون ٺيڪ ٿي وينديون، دهشتگردي ختم ٿي ويندي؟ جيڪا صورتحال هينئر هلي رهي آهي اها اڳتي اڃا وڌيڪ خطرناڪ ٿيڻ واري آهي، ان جو مطلب ته توهان 8 آڪٽوبر کان به به اڳتي نڪري ويندا، ضيا الحق 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو چيو هو ۽ 11 سال پورا ڪري ويو، جڏهن توهان هڪ ڀيرو آئين ٽوڙيو ٿا ته پو توهان ڪجهه به ڪري سگهو ٿا. هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ اسلام آباد ۾ داخل 5 ڪيسن ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت ۾ 27 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. شنوائي دوران جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته اسلام آباد ۾ ضمانت شنوائي هيٺ آهي، تنهن ڪري حفاظتي ضمانت ۾ واڌ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button