پاڪستان

مفت اٽو نه مليو، عورت سميت وڌيڪ 2 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

پنجاب ۾ مفت اٽي جي ورهاست دوران بدنظمي ۽ ڀاڄ جي نتيجي ۾ وڌيڪ 2 حياتيون ضايع ٿي ويون. ڀڪر جي يونين ڪائونسل نوٽڪ ۾ مفت اٽو حاصل ڪرڻ خاطر 66 ورهين جو الاهي بخش اسر ويل يوسي آفيس پهتو هو، جڏهن ته قطار ۾ بيهي اٽو وٺڻ بعد اوچتو هيٺ ڪري پيو، ريسڪيو عملدارن موجب الاهي بخش کي دل جو دورو پيو ۽ سندس حالت خراب ٿي پئي، طبي امداد فراهم ڪرڻ تائين هو فوت ٿي چڪو هو، ڊپٽي ڪمشنر واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ٻئي طرف مظفر ڳڙهه ۾ مفت اٽي جي پوائنٽ تي ڀاڄ سبب پيرسن عورت فوت ٿي وئي. پوليس موجب جتوئي تعلقي ۾ عورت مقامي ميرج هال ۾ قائم اٽي جي پوائنٽ تي گيٽ کلڻ جو انتظار ڪري رهي هئي، گيٽ کلڻ تي ڀاڄ سبب هوءَ ڪِري زخمي ٿي پئي. پوليس ٻڌايو ته 60 ورهين جي عورت کي ريسڪيو اهلڪارن اسپتال پهچايو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو. ڊپٽي ڪمشنر عباس جعفري واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button