پاڪستانپنجاب

سپريم ڪورٽ آئين کي ”ري رائيٽ” ڪري ملڪ ۾ بحران پيدا ڪيو آهي: مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ملڪ ۾ هاڻوڪو بحران سپريم ڪورٽ طرفان آئين کي “ري رائيٽ” ڪرڻ سبب پيدا ٿيو آهي، 25 ماڻهن کي عمران جي هنج ۾ وجهڻ لا آئين کي “ري رائيٽ” ڪيو ويو ۽ اها ڳالهه واضح آهي ته عمران خان جي سهولتڪاري ڪئي وئي، جيڪو جڊيشل اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان ٻيهر چونڊجڻ چاهي ٿو. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم چيو ته فوري طور اليڪشن جو مطالبو ان ڪري ڪيو پيو وڃي جو آڪٽوبر ۾ سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس هوندو، اسان چونڊن کان نٿا ڊڄون پر اليڪشن کان اڳ انصاف جي ساهمي جا ٻئي پڙ برابر ڪرڻا پوندا. هن چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا انٽرويو ۾ پاڻ چيو ته عمران خان خطرناڪ شخص آهي، هاڻي هن جڊيشل اسٽيبلشمينٽ ڳولي ورتي آهي، باجوا اهو پڻ انڪشاف ڪيو ته عدالتي فيصلا ججن جي زالن جي چوڻ تي ٿين ٿا، فيض حميد ۽ ثاقب نثار جي باقيات عدليا ۾ موجود آهي، اسان اهو ته ٻڌو هو قانون انڌو هوندو آهي پر جنهن ڏينهن پاناما ڪيس جو فيصلو ٿيو، ان وقت عدالت ۾ ثاقب نثار ۽ آصف سعيد کوسا جا ٻار ۽ زالون به موجود هيون، انهن ججن جي ٻارن کي اڳواٽ پاناما فيصلي جي ڄاڻ هئي، چونڊيل وزيراعظم کي فقط پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نيڪالي ڏني وئي، نواز شريف سان تمام گهڻيون ناانصافيون ۽ بي واجبيون ڪيون ويون آهن، مون ڪوڙن ڪيسن ۾ 100 کان وڌيڪ حاضريون ڀوڳيون، نواز شريف ڪوڙي ڪيس ۾ 100 کان وڌيڪ ڀيرا پيش ٿيو، اسان عدالتن آڏو سر نوايو ۽ ڪوڙيون سزائون ڀوڳيون پر عمران خان عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان انڪاري آهي، هي شخص جڏهن به عدالت ويو جٿا ساڻ وٺي ويو، ٻڌايو وڃي ته آخر ڪير آهي جيڪو اڄ به عمران خان کي تحفظ ڏئي رهيو آهي؟ اڄ جڏهن چونڊون ملتوي ٿيون آهن ته هن کي آئين ياد آيو آهي، اسان اليڪشن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، ڇو ته اسان سليڪٽ ٿي نه پر چونڊجي آيا آهيون. مريم نواز وڌيڪ چيو ته اليڪشن کانسوا مسئلن جو ٻيو ڪو به حل ناهي پر چونڊون هر 5 سالن کانپوءِ ٿيڻ گهرجي، ان ڳالهه جي ڪهڙي گارنٽي آهي ته جيڪڏهن نواز ليگ پنجاب ۾ چونڊون کٽي وئي ته عمران خان نتيجا قبول ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button