پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ ٿنڀي تي ڪم دوران بند ڪرايل فيڊر چالو، لائن مين ڪرنٽ ۾ فوت

مٺي: مٺي ۾ حيسڪو جو لائن مين نوجوان سنجي مهراج ڊيوٽي دوران بجلي جي پول تي ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي نيو ويو، پر رستي ۾ هن دم ڏئي ڇڏيو، حيسڪو اختيارين غفلت جي الزام هيٺ 3 ملازمن کي معطل ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ مٺي حيسڪو آفيس جو لائن مين سنجي مهراج 11 هزار وولٽيج جي بجلي پول تي چڙهي مرمتي ڪم ڪري رهيو هو ته گرڊ مان بند ڪرايل بجلي اوچتو چالو ٿي وئي، جنهن سبب لائن مين کي ڪرنٽ لڳي پيو ۽ هو مرڻينگ ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال آندو ويو، جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي ٽراما سينٽر ريفر ڪيو ويو، پر رستي ۾ سنجي مهراج دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد لائن مين جو مڙهه واپس اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي پاسي اطلاع تي سوڳ ۾ مٺي شھر بند ٿي ويو. ان ڏس ۾ حيسڪو ملازمن ٻڌايو ته لائن مين سنجي مهراج ڏينهن جو هڪ وڳي شهر ۾ 11 هزار وولٽيج جي تار سان ٽرانسفارمر جو ڪنيڪشن لڳائي رهيو هو ته بجلي جو کيس ڪرنٽ لڳو. ٻئي طرف نوجوان جي گهرڀاتين معاملي جي جاچ ۽ لائن ۾ اوچتو بجلي چالو ڪندڙ ذميوارن خلاف جاچ ڪري سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. هنن چيو ته سنجي ٽرانسفارمر جو ڪنيڪشن لڳائڻ کان اڳ واپڊا گرڊ اسٽيشن کان فيڊر بند ڪرايو ھو، پر ڪم دوران ڪنهن پاور آن ڪيو، بجلي چالو ڪرڻ سبب سنجي کي ڪرنٽ لڳو، شفاف جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف معلوم ٿيو آھي ته نوجوان سان پيش آيل واقعي جي جاچ شروع ڪري ڪئي وئي آهي ۽ حيسڪو اختيارين 3 ملازمن گرڊ اسٽيشن انچارچ ڀرت ڪمار، سب لائن سپرنٽينڊنٽ غلام رسول ۽ مهيش ڪمار کي معطل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button