اسلام آبادپاڪستان

پاڻمرادي نوٽيس جو فيصلو 3 سينيئر جج ڪندا:ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا عدالتي سڌارن لاءِ قانون سازي جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت ڪنهن به پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جو فيصلو سپريم ڪورٽ جا 3 سينيئر جج ڪندا. بل ۾ سپريم ڪورٽ بينچن جي جوڙجڪ جي اختيارن ۾ گهٽتائي جي به تجويز ڏني وئي آهي. ڪالهه وفاقي ڪابينا عدالتي قانون ۾ سڌارن لاءِ قانون سازي لاءِ بل جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. بل ۾ تجويز ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جا 3 سينيئر ترين جج پاڻمرادي نوٽيس جو فيصلو ڪندا. پاڻمرادي نوٽيس جي فيصلي تي 30 ڏينهن اندر اپيل داخل ڪرڻ جو حق حاصل هوندو ۽ اپيل داخل ٿيڻ جي 14 ڏينهن اندر درخواست کي شنوائي لاءِ مقرر ڪرڻو پوندو. مسودي موجب سپريم ڪورٽ ۾ بئنچن جي جوڙجڪ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي ڪندي، ڪميٽي ۾ سپريم ڪورٽ جا ٻه سينيئر ترين جج شامل هوندا ۽ ڪميٽي جا فيصلا اڪثريت راءِ جي بنياد تي هوندا. ڪابينا طرفان بينچن جي جوڙجڪ بابت بل جي منظوري ڏيندي چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هر سبب، معاملي يا اپيل جي شنوائي هڪ بينچ ڪندي، جنهن کي چيف جسٽس ۽ ٻن سينيئر ججن تي مشتمل هڪ ڪميٽي ذريعي جوڙيو ويندو، ڪميٽي جا فيصلا اڪثريت سان ڪيا ويندا. سپريم ڪورٽ جي اصل دائري اختيار کي استعمال ڪرڻ جي حوالي سان بل ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 184 (3) جو ڪو به معاملو پهرين ڪميٽي آڏو رکيو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪميٽي سمجهي ٿي ته آئين جي پارٽ II جي باب I ۾ ڏنل ڪنهن به بنيادي حقن جي نفاذ سان لاڳاپيل عوامي اهميت جو سوال درخواست جو حصو بڻجي ٿو، اها هڪ بينچ ٺاهيندي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ ٽن ججن تي مشتمل هوندي. جنهن ۾ معاملي جو فيصلو ڪرڻ واري ڪميٽي جا ميمبر به شامل ٿي سگهن ٿا. هوڏانهن وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ طرفان بل (سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023) جو مسودو قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. بل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. بل ۾ تجويز آهي ته سپريم ڪورٽ جا ٽي سينيئر جج پاڻمرادو نوٽيس جو فيصلو ٻڌائيندا، پاڻمرادو نوٽيس جي فيصلي جي 30 ڏينهن اندر اپيل داخل ڪرڻ جو حق ۽ اپيل داخل ٿيڻ جي 14 ڏينهن اندر درخواست شنوائي لاء مقرر ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي قانون واري وزير نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ جا حڪم آئين ۽ قانون جي تابع هوندا. عدالتي تاريخ 184/3 تي تمام گهڻي تنقيد ڏٺي آهي، 184/3 تي اڪثر بارن طرفان تنقيد ٿيندي رهي آهي، اهو دور به ڏٺو ويو آهي جڏهن ننڍين ننڍين معاملن تي سوموٽو نوٽيس ورتو ويندو هو، اپيل جو حق ڏيڻ بل ۾ ضروري سمجهيو ويو آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته گذريل ڏينهن ججن جي موقف سبب خدشن جي لهر پيدا ٿي، خدشو آهي ته سپريم ڪورٽ جي اختيار کي نقصان نه پهچي. بل تحت چيف جسٽس جي پاڻمرادو نوٽيس واري اختيار کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ جا ٽي سينيئر جج پاڻمرادو نوٽيس جو فيصلو ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button