پاڪستانپنجاب

عمران پنهنجي هر سهولتڪار جي مٽي پليد ڪئي آھي، چيف جسٽس سندس پويان نه لڳي:مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته عمران خان جي پٺيان نه لڳو، هن شخص پنهنجي هر سهولتڪار کي استعمال ڪيو ۽ پو سندس مٽي پليد ڪئي آهي، اليڪشن ڪرائڻ لا حڪومت وٽ 20 ارب رپيا آهن پر هڪ اليڪشن 3 ڀيرا ڪرائڻ لا سٺ ارب رپيا نه آهن. قصور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته عمران خان اهو ماڻهو آهي جنهن پهرين پنهنجي پاڻ کي ٻوڙيو ۽ پو پنهنجي سهولتڪار کي به ٻوڙيندو آهي، چونڊون ٿينديون ۽ ضرور ٿينديون پر اليڪشن کان پهرين سليڪشن جو فيصلو ٿيندو، ٻڌايو وڃي ته پنجاب اسيمبلي ڇو ٽوڙي وئي؟ ڪجهه ججن طرفان عمران خان جي سهولتڪاري ٿي رهي آهي، فيصلا آئين ڏسي نه پر ٽرڪون ڏسي ڪيا وڃن ٿا، عمران خان در کڙڪائي ٿو ته سپريم ڪورٽ سمجهي ٿي آئين در کڙڪائي رهيو آهي، قوم اهو چوڻ تي مجبور آهي ته فيصلا آئين ۽ قانون تحت نه پر گهروارين ۽ ٻارن جي چوڻ تي ڪيا وڃن ٿا، چون ٿا اٽي لا قطارون لڳل آهن، ته پو قطارون ته انصاف لا به لڳل آهن. هن چيو ته پهرين پنجاب ۾ چونڊون ٿين، پو خيبر پختونخوا ۾ ۽ آخر ۾ سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائجي، ائين نه ٿيندو. ڇهن سالن تائين هڪ گدڙ کي ليڊر جو ماسڪ پارائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ليڊر جو ٻوٿاڙو لٿو ته اندران توشا خانا جو چور نڪتو، چيف جسٽس کي چوان ٿي ته عمران خان جي پٺيان نه لڳو. مريم نواز وڌيڪ چيو ته هي معصوم شڪل ٺاهي چوي ٿو زمان پارڪ ۾ سندس زال اڪيلي هئي ته مٿس حملو ٿيو، جيڪڏهن زال اڪيلي هئي ته پوليس تي پيٽرول بم توهان جي جنن اڇلايا؟ ڇا اهي ئي پوليس اهلڪارن جا مٿا ڦاڙي رهيا هئا، عمران چوي ٿو ته مون کي هاڻ اقتدار ۾ اچڻ نه ڏيندا، عمران خان ٻڌي وٺ! هي قوم هاڻي توکي ڪڏهن به حڪومت ۾ اچڻ نه ڏيندي، مون پهريون اهڙو شخص ڏٺو آهي جيڪو روز پنهنجي قتل جي نئين ڪهاڻي ٻڌائي ٿو، هن شخص کي چڙيا گهر جي پڃري ۾ وجهي مٿس ٽڪيٽ لڳائڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button