پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ هٿياربندن اکين جي ماهر ڊاڪٽر بيربل کي قتل ڪري ڇڏيو، ليڊي ڊاڪٽر زخمي

ڪراچي ۾ لياري ايڪسپريس وي انٽر چينج وٽ نامعلوم هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري سنجهورو واسي اکين جي ماهر ڊاڪٽر بيربل گيناڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ساڻس گڏ ويٺل ليڊي ڊاڪٽر زخمي ٿي پئي آهي. تفصيل موجب ڪراچي ۾ لياري ايڪسپريس گارڊن انٽر چينج وٽ شادي هال جي ويجهو موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن اڇي رنگ جي الٽو ڪار تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب ڪار ۾ ويٺل اکين جي ماهر ڊاڪٽر 60 ورهين جي بيربل گيناڻي موقعي تي دم ڏنو، جڏهن ته ساڻس گڏ ويٺل اسسٽنٽ ڊاڪٽر قرت العين زخمي ٿي پئي. فائرنگ جي واقعي بعد علائقي واسي وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا ۽ فوري طور پوليس ۽ امدادي رضاڪارن کي گهرايو ويو. پوليس موجب مقتول جو لاش ۽ زخمي ليڊي ڊاڪٽر کي ايڌي رضاڪارن جناح اسپتال پهچايو، مقتول ڊاڪٽر بيربل اکين جي بيمارين جو ماهر هو ۽ ليمارڪيٽ ۾ قائم اکين جي اسپتال ۾ ايم ايس طور خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي. شروعاتي ڄاڻ موجب مقتول ڊاڪٽر بيربل ڪي ايم سي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سروسز به رهيو ۽ ڏيڍ سال اڳ ڊائريڪٽر پبلڪ هيلٿ سٽي گورنمينٽ جي عهدي تان رٽائر ٿيو هو. ايس پي جمشيد ڪوارٽرز زبير تنولي ٻڌايو ته ڊاڪٽر بيربل گيناڻي رامسوامي ۾ پنهنجي خانگي ڪلينڪ هلائيندو هو ۽ افطاري کانپو معمول موجب رامسوامي کان پنهنجي رهائشگاهه گلشن اقبال وڃڻ لا نڪتو ته لياري ايڪسپريس وي تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن کيس فائرنگ جو نشانو بڻايو، مقتول کي مٿي ۾ لڳل گوليون سندس موت جو سبب بڻيون، جڏهن ته واقعي واري هنڌان 9 ايم ايم پسٽل جا خول مليا آهن. فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ليڊي ڊاڪٽر قرت العين شروعاتي پڇا ڳاڇا ۾ بيان ڏنو ته هو گذريل 10 سالن کان ڊاڪٽر بيربل سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان رنڇوڙ لائن رامسوامي کان پاڪ ڪالوني وڃي رهيا هئاسين ته اوچتو هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، مون کي به گولي لڳي، جڏهن ڊاڪٽر بيربل کي ڏٺم ته سندس مٿي مان رت ٽمي رهيو هو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڊاڪٽر بيربل ۽ سندس نياڻي ڊاڪٽر سپنا ڪجھه وقت اڳ ايم بي اي جي ڊگري گڏ ڪئي ۽ ڊاڪٽر سپنا پنھنجي والد جي ڪلاس ميٽ ھئڻ جو اعزاز ماڻيو ھو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button