اسلام آبادپاڪستان

چورن سان گڏ نه ويهندس، ڳالهيون ٿيون ته مان نه منهنجي ٽيم ويندي:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان حڪومت سان پاڻ ڳالهائڻ کان وري نابري واري ڇڏي، هن چٽن لفظن ۾ چيو آهي ته هو حڪومت سان ڳالهين ۾ نه ويهندو، جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي ته پارٽي جا ٻيا ميمبر ڪندا جن کي چور ۽ ڪرپٽ چوان ٿو، انهن سان گڏ نه ويهندس، هن وقت ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو 90 ڏينهن ۾ چونڊون آهن، هاڻي چونڊون نه ٿيون ته آڪٽوبر ۾ چونڊن جا امڪان گهٽ آهي جيڪڏهن ڳالهيون ٿيون ته صرف اليڪشن جي معاملي تي ٿينديون، چونڊن طرف نٿا وڃون ته پوءِ ڳالهين جو ڪو فائدو نه آهي. پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون ٿيون ته اِهي رڳو چونڊن واري نقطي تي هونديون، منهنجو اسٽيبلشمينٽ سان ڪوئي رابطو ناهي، ڳالهين ۾ مان نه منهنجي ٽيم شريڪ ٿيندي، پنهنجن مفادن لاءِ سپريم ڪورٽ کي ورهائڻ نواز شريف جي پراڻي روش آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه مڃڻ جو مطلب آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون ختم ٿي ويو، پو به سڄي قوم سپريم ڪورٽ سان گڏ بيهندي، هن چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ اسان جون سيٽون هاسيڪار گهٽايون ويون ته جيئن ڪنٽرول ڪري سگهجي، اسان کي خبر آهي ته اسانجي ماڻهن کي ڪير وٺي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button