پاڪستانپنجاب

عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جا ٻيا اڳواڻ جي آئي ٽي آڏو پيش نه ٿيا، ٽيون ڀيرو طلب

گڏيل جاچ ٽيم ڀڃ ڊاهه ۽ تشدد جي ڪيسن جي جاچ لاءِ پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن کي ٽيون ڀيرو اڄ جمعي ڏينهن طلب ڪري ورتو آھي. ذريعن مطابق جي آئي ٽي عمران خان کي پاڻ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ چيو آهي، عمران خان سميت پي ٽي آئي جا ٻيا اڳواڻ گذريل ڏينهن جي آئي ٽي جي سامهون پيش نه ٿيا هئا، جمعي ڏينهن پيش نه ٿيڻ تي جي آئي ٽي عدالت کي اڳواڻن جون ضمانتون خارج ڪرڻ جي اپيل ڪندي. واضح رهي ته ڀڃ ڊاهه ۽ تشدد واري ڪيس ۾ عمران خان ۽ پي ٽي آئي اڳواڻن خلاف لاهور جي ريسڪورس ٿاڻي، سول لائن ۽ شادمان ۾ ڪيس داخل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button