اسلام آبادپاڪستان

پرڏيهي اسپانسرڊ پروپيگنڊا سان قومي سلامتي متاثر ٿي:سلامتي ڪميٽي

اسلام آباد :قومي سلامتي ڪميٽي ملڪ ۾ جاري دهشتگردي خلاف جامع آپريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن لاءِ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي جيڪا هڪ هفتي اندر سفارشون پيش ڪندي. ڪميٽي سماج ۾ وڌندڙ نفرتن کي ورهائڻ جي ڪوششن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ سوشل ميڊيا تي رياستي ادارن ۽ انهن جي قيادت خلاف پرڏيهي اسپانسر ٿيل زهريلي پروپيگنڊا کي سوشل ميڊيا تي پکيڙڻ جي به سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته قومي سلامتي متاثر ٿي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ وزيراعظم هائوس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو 41 هون اجلاس ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جنهن ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين سميت ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن ۽ وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي آءِ بي، ڊي جي ايم آءِ ۽ ڊي جي ايم او سميت ٻيون عسڪري ۽ سويلين اختياريون به شريڪ ٿيون، جڏهن ته ڪميٽي ميمبر ۽ چارئي وڏا وزير خاص طور شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ملڪي سيڪيورٽي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويو. جڏهن ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني. اجلاس دوران ملڪي موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردن خلاف ڊي جي آءِ ايس آءِ به تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شرپسندن خلاف جاري آپريشنز تي اطمينان جو اظهار ڪندي دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن جي خدمتن کي خراج عقيدت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم جي سربراهه جي گرفتاري تي ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. پڌرائي موجب اجلاس جي شرڪت ڪندڙن جامع قومي سلامتي تي زور ڏنو ۽ عوام جي رليف کي مرڪزي حيثيت ڏني. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته حڪومت عوام جي رليف لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اجلاس ۾ قوم کي پائيدار امن جي فراهمي جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين ۽ ڪوششن کي ساراهيو ويو ۽ پاڪستان مان دهشتگردي جي خاتمي تائين پنهنجون ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن دهشتگردي جي تازي لهر کي پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان سان نرم رويو ۽ لاپرواهي واري پاليسي جو نتيجو قرار ڏيندي ان کي مڪمل طور تي عوام جي اميدن ۽ خواهشن جي ابتڙ قرار ڏنو. شرڪت ڪندڙن چيو ته نتيجي ۾ دهشتگردن کي نه رڳو بغير ڪنهن رڪاوٽ جي واپس وڃڻ ڏنو ويو پر ٽي ٽي پي جي خطرناڪ دهشتگردن کي به اعتماد سازي جي نالي تي جيلن مان آزاد ڪيو ويو. اجلاس ۾ پوري قوم ۽ حڪومت سان گڏجي هڪ آل آئوٽ جامع آپريشن شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن سان ملڪ کي نئين حوصلي ۽ عزم سان دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪيو ويندو.شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هن مجموعي، هر طرفي ۽ جامع آپريشن ۾ پاڪستان مان هر قسم جي دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ سياسي، سفارتي سيڪيورٽي، اقتصادي ۽ سماجي ڪوششون شامل هونديون. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار شرڪت ڪندڙن کي ملڪ جي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ هن آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۽ دوست ملڪن جي واعدن بابت آگاهي ڏني. ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي قومي معاملن تي ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه اچڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ڪميٽي چيو ته ملڪ جي اندروني ۽ بيروني سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. سلامتي ڪميٽي سڀني تي زور ڏنو ته هو ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ٻئي طرف اجلاس کان اڳ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خالد مقبول صديقي، اسلم ڀوتاڻي، خالد مگسي، خرم دستگير، قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پارلياماني اڳواڻن کي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ ورتو. اهم ملاقات ۾ علائقائي صورتحال، پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن تي غور ويچار ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button