پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي جي قديمي مندر ۾ هنومان جو ڏڻ ملهايو ويو، ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ هنومان جو جنم ڏڻ ملهايو ويو، جنهن ۾ هندو مذهب سان تعلق رکندڙ ڏيهه توڙي پرڏيهه مان عقيدتمندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پوڄا پاٽ ڪئي. ان موقعي تي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. هنومان کي ڀيٽائون ڏنيون ويون. ملڪ خاص طور تي سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ پوڄا ڪئي وئي. ڪوٽڙي جي ساڌو پاڙي ۾ قائم قديمي هنومان مندر ۾ شري هنومان جو جنم ڏينهن ملهايو ويو. سالگرهه جي موقعي تي مندر ۾ هندو مذهب سان تعلق رکندڙن پوڄا پاٽ ڪئي. آمريڪا سميت ٻين ملڪن مان آيل عقيدتمندن چيو ته اسان جو عقيدو آهي ته هنومان جي ڪرپا سان اسان جا ڪيترائي لاحق مرض ختم ٿي ويا آهن. ان موقعي تي گادي نشين شيوڪ پرمار چيو ته هندو مذهب “اوم” جي ليلا تي ٺهيل آهي، جنهن ۾ “الف” اپائيندڙ ديوتا، “و) وڌائيندڙ ڪرشنا ديوي ۽ “م” ماريندڙ آهي. هنومان کي دنيا ۾ تاحيات زندهه ڄاڻون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button