پاڪستانسنڌ

ايگزيڪيوٽو انجنيئر امتياز ڀٽو جي ڊي سي پهتو، ماڻهن ۾ سحري ورهائي

ڪراچي: ڪراچي ۾ ڪي ايم سي ايسٽ ڪراچي جي سينيئر ايگزيڪيوٽو انجنيئر امتياز احمد ڀٽو جي ڊي سي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي جي ڊي سي سربراهه ظفر عباس انتظامن بابت امتياز احمد ڀٽو کي ڄاڻ ڏني. امتياز احمد ڀٽو جي ڊي سي انتظاميا جي عوام جي ڀلائي، ماڻهن جي سحري ۽ افطاري وارن ڪمن ۽ غريب ماڻهن کي گهرن تائين راشن پهچائڻ جي ساراهه ڪئي. امتياز ڀٽو چيو ته جي ڊي سي انتظاميا انسانيت جي خدمت ڪري رهي آهي، سرندي وارا به غريب ماڻهن جي مدد لا اڳتي اچن. ان موقعي تي امتياز ڀٽو سحري جي وقت ماڻهن ۾ سحري جو سامان پڻ ورهايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button