اسلام آباد : اسلام آباد جي مقامي عدالت توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان کي يارنهن اپريل اڱاري جي ڏينهن ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي. عدالت ڪوهسار ٿاڻي جي جاچ آفيسر کي به مڪمل رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو ته سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. توشا خانا ڪيس جي جلد مقرر ڪرڻ واري درخواست تي عمران خان کي طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close