اسلام آبادپاڪستان

عمران جهڙو بزدل پنهنجي ڌيءُ کي قبول نٿو ڪري:مريم اونگزيب

اسلام آباد :سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اونگزيب چيو آهي ته اقتدار جي غلامي ۾ ٻڏل شخص ڌيءُ کي رد ڪرڻ کانپوءِ حقيقي آزادي جي جنگ وڙهي رهيو آهي. سڀ کان وڏو بزدل اهو هوندو آهي جيڪو اقتدار خاطر پنهنجي ڌيءُ کي قبول نه ڪري، بزدل اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي گهر جي عورتن کي چوري ۽ مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪري. گذريل ڏينهن عمران خان جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته جيڪو شخص معاشري ۾ پنهنجي نياڻي کي عزت نه ٿو ڏئي سگهي اهو عمران خان جهڙو بزدل هوندو آهي. هن چيو ته پرڏيهي لابي فرمز جا غلام حقيقي آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن. هن چيو ته آزادي جي جنگ وڙهندڙ پهريون بزدل آهي جيڪو ڪارو دٻو منهن تي پائي ٻاهر نڪري ٿو. عمران خان ڪاري رنگ جي دٻي مان ٻاهر نه ٿو نڪري سگهي ۽ بزدل نواز شريف آهي. هن چيو ته بزدل اهو هوندو آهي جيڪو عورتن ۽ ٻارن کي هٿيار بڻائي پاڻ لڪي وڃي. بزدل اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي ڪرسي خاطر ملڪ خلاف سازش ڪندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button