اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ وارا معيشت بابت غلط پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن:حڪومت

اسلام آباد :وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ وارا معيشت بابت غلط پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن پر عوام پي ٽي آءِ دور ۾ ڪيل معاشي تباهي ناهي وساريو. پي ٽي آءِ مُلڪ کي ڏيوالي جي ويجهو پهچايو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس بلال ڪياني چيو ته عمران خان چئن سالن دوران ملڪي معيشيت کي تباهه ڪيو، معاشي تباهي ۽ مهانگائي عمران خان جي نااهلي ۽ بدنيتي سبب آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين دوست ملڪن سان سفارتي لاڳاپا خراب ڪيا، اقتدار ويندي ڏسي عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي. هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ 60 لک ماڻهو بيروزگار ٿيا، جڏهن ته ن ليگ جي گذريل دور ۾ 12 لک هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم آئي ۽ نواز شريف ئي آءِ ايم ايف پروگرام ختم ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهرن جو ڪوڙو واعدو ڪيو ويو پر ماڻهن کي بيروزگار ڪري گهر کسيا ويا. پي ٽي آءِ ملڪي قرض ۾ 78 سيڪڙو اضافو ڪيو، عمران پنهنجي نالائقي ۽ چوري سبب مُلڪي معيشت تباهه ڪئي. هن چيو ته عمران خان اقتدار بچائڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، عمران خان سائفر جهڙي ڪوڙي پروپيگنڊا تي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پي ٽي آءِ فرنس ڪمپنين کي خوش ڪرڻ لاءِ سستي ايل اين جي خريد نه ڪئي. بلال اظهر ڪياني چيو ته پي ٽي آءِ اٽي ۽ کنڊ مافيا جا کيسا ڀرڻ لاءِ عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو، موجودا حڪومت ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو ۽ معيشيت کي بهتر ڪيو. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف 17 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڇڏيو، ن ليگ گذريل حڪومت ۾ امن امان بحال ڪيو، نواز شريف لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪري ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button