اسلام آبادپاڪستان

چونڊن لا فنڊ اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ بدران معاملو پارليامينٽ ۾ کڻي وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد :وفاقي ڪابينا طرفان چونڊن لا فنڊ ڏيڻ وارو معاملو اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ بدران پارليامينٽ ۾ کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٻه ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهيو. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا مُلڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ صدر جي سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل واپس اُماڻڻ تي به غور ڪيو ويو. ڪابينا پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊن جي منظوري نه ڏني ۽ فنڊن وارو معاملو قومي اسيمبلي ڏانهن اُماڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿي گذريو، وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪئي. جڏهن ته گهڻي قدر ڪابينا ميمبر به وڊيو لنڪ تي ئي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. جڏهن ته وفاقي وزير رياض پيرزاده، ساجد طوي، وزيراعظم جي صلاحڪار امير مقام، هائوسنگ وزير مولانا عبدالواسع، مملڪي وزير هاشم نوتيزئي وزيراعظم هائوس ۾ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ذريعن موجب وفاقي وزير سردار اياز صادق، سعد رفيق سميت ڪابينا جا ڪجهه ميمبر ماڊل ٽائون لاهور مان اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ حڪومتي قانوني ٽيم پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اهم نوعيت جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاقي حڪومت طرفان پنجاب ۾ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي فنڊ ڏيڻ يا نه ڏيڻ بابت فيصلو ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا مُلڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ صدر جي سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل واپس اُماڻڻ تي به غور ڪيو ويو. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊن جي منظوري نه ڏني ۽ فنڊن وارو معاملو قومي اسيمبلي ڏانهن اُماڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پارليامينٽ سُپريم آهي، جيڪو فيصلو ان جي اختيار آهي، پنجاب اسيمبلي جي چونڊن جي فنڊن جو فيصلو پارليامينٽ ڪندي. اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق ڪئي وئي. واضح رهي ته سُپريم ڪورٽ ناڻي واري وزارت کي 21 ارب رُپيا اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ جي حڪم ڏنو هو ۽ الڪشن ڪيمشن کي هدايت ڪئي هئي ته يارنهن اپريل تائين اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button