پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو لڳ کيڪڙو ڪلٽي، 2 معصوم ٻار فوت، 19 مسافر زخمي

ڇاڇرو/ عمرڪوٽ: ڇاڇرو لڳ ٽائر نڪرڻ سبب کيڪڙو ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 معصوم ٻار فوت ٿي ويا، 19 مسافر زخمي ٿي پيا. عمرڪوٽ روڊ تي موڙاسيو اسٽاف وٽ تيز رفتار مسافر ڪيکڙي جو ٽائر نڪرڻ سبب ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ 10 سالن جو نينگر بيمراج پٽ اچلو ڪولهي موقعي تي فوت ٿي ويو. ٻن عورتن ۽ ٽن ٻارن سميت 20 ماڻهو زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڪانٽيو اسپتال آندو ويو، جن مان ٽن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. زخمين ۾ رام لال، منٺار، ڪرپال، بالم، اچلو، تارو، رحيم، ٻارڙي ڪويتا ۽ ٻيا شامل آهن، حادثي جو شڪار ٿيل مسافر ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر جي ڳوٺن ڪريم تڙ، ارنيارو، لپلو جوڻيجا، وڪڙيو، ھيماري جا رهواسي آهن، جيڪي عمرڪوٽ کان ڳوٺ هيرار ويندڙ ڪيکڙي ۾ سوار هئا. ٻئي پاسي عمرڪوٽ سول اسپتال ۾ ٻارڙي ڪويتا ڀيل زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button