جھول: جھول لڳ ڳوٺ حاجي محمد ايوب خاصخيلي جي رھواسڻ بيوھه آست خاصخيلي وارثن علي گل، محمد علي، ايوب، معشوق، اميد علي خاصخيلي، عورتن شميم، حور، ثمينه، پوڙھي، سڪينه، زينت، تانيه خاصخيلي سميت ٻين عورتن ۽ معصوم ٻارن سان گڏ ڀا اسحاق خاصخيلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بينر ھٿن ۾ کڻي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي پيرسن بيوهه آست خاصخيلي صحافين اڳيان روئيندي چيو ته ڀا اسحاق خاصخيلي وڏو وياجي آھي، جنھن کان 80 ھزار رپيا اڌار ورتا، مون اڌار ورتل رقم تي ڏھوڻو وياج يعني 8 لک رپيا واپس ڏنا آهن، ان باوجود به ڀا جو قرض ختم نٿو ٿئي، ڀا قرض جي آڙ ۾ ديھه اڀپور ۾ 4 ايڪڙ زمين ھڙپ ڪرڻ لاءِ قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. پٽ وونئڻن جي پوکي لاءِ زمين ۾ ھر ھلرائي رھيا ھئا ته اسحاق خاصخيلي ساٿين سان گڏ لٺين ۽ ڪھاڙين سان حملو ڪري 2 پٽن اميد علي ۽ محمد علي خاصخيلي کي زخمي ڪري زمين تي ھٿياربند ويھاري ڇڏيا آهن، انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل اسحاق خاصخيلي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته الزامن ۾ ڪابه صداقت ناھي، ھن ڄاڻايل 4 ايڪڙ زمين ڀيڻويي غلام علي خاصخيلي مرحوم کان خريد ڪئي ھئي، مرحوم زمين رجسٽرڊ ڪرائي ڏيڻ لاءِ مختيارڪار آفيس سنجھورو مان وڪري جو سرٽيفڪيٽ پڻ ورتو ھو، پر فوت ٿي ويو، جنھن جا ڪافي ڳوٺاڻا شاھد آهن، مون وٽ لکت ۾ ثبوت موجود آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close