پاڪستانسنڌ

ٿر جي وسيلن مان مقامي ماڻهن کي فائدو نٿو ملي:سٽيزن فورم

مٺي: مٺي ۾ ٿر جي مسئلن بابت جوڙيل ٿر سٽيزن فورم جي اڳواڻن اوڀايو جوڻيجو، وڪيل وسند ٿري، ارباب خالد، ساجد بجير ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ٿر ۾ سميت ڪارونجھر جبل، چائنا ڪلي، لوڻ جو کاڻيون ۽ ٻيا قدرتي معدني وسيلا آهن، پر ٿر جي ماڻهن کي انهن مان ڪو به فائدو نه آهي، ڪوئلو 2640 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ اسٽيشن ۾ فراهم ڪري رهيو آھي، پر ٿر جو عوام بجلي کان محروم آھي. هنن چيو ته ڪارونجهر جبل ڳاٽ اونچو ڪري بيٺل آهي، پر ان کي بااثر ماڻهو مائنز ۽ منرل کاتي جي ڪامورن سان ملي ڀڳت سبب ٽڪرا ٽڪرا ڪري ان جي حيثيت ختم ڪن پيا، لوڻ جون 145 کان وڌيڪ کاڻيون ڌارين ماڻهن جي حوالي ڪيل آهن، جن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي، چائنا ڪلي تي مقامي ماڻهن جا حق به تسليم نٿا ڪيا وڃن، جيڪو ظلم آهي. هنن چيو ته حڪومت ٿر ۾ ايگريڪلچر يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي قائم ڪيل ڪئمپس کي فعال بڻائي نيون يونيورسٽيون کولي ۽ قدرتي وسيلن تي مقامي ماڻهن جو حق تسليم ڪري سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button