پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ فوتي رائيچند جي وارثن جو انصاف لا احتجاج

ڪلوئي: ڪلوئي لڳ ڳوٺ سينهر کوهي جي مبينا خودڪشي ڪندڙ رهواسي رائيچند ميگھواڙ جي وارثن راڻو مل ڪرشن ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ شهر ۾ مکي مل جي چوڻ تي پٽيلن جرڳو ڪوٺائي رائيچند ميگھواڙ تي 10 لک رپيا ڏنڊ ۽ سط چٽي وڌي، جنهن کانپوءِ رائيچند ميگھواڙ گهر پهچي خودڪشي ڪري ڇڏي، اسان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ٿا ڪريون ته رائيچند ميگھواڙ کي خودڪشي تي مجبور ڪندڙ پٽيلن تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن جاچ آفيسر مٺي يونس بلوچ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سندس موبائيل نمبر بند مليو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button