پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ پورهيت جو وياجي شخص خلاف احتجاج

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ ڪيهڙي جي نوجوان پورهيت ممتاز علي ڇڇر پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ڏيڍ سال اڳ مون ڪنهن مجبوري سبب هڪ وياجي وشنو نانڪرام لوهاڻو وٽ سونا زيور رکي 15 هزار رپيا کنيا هئا، ٽائيم موجب وياج سميت رقم واپس ڪرڻ ويس ته ڄاڻايل سيٺ مختلف بهانا ٺاهي مون کي آسرا ڏيندو رهيو، پر هاڻ نه رقم ٿو وٺي، نه منهنجا زيور واپس ڪري ٿو، جنهن خلاف مون پوليس کي به درخواست ڏني آهي. هن ايس ايس پي ٿرپارڪر کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي وياجي خلاف قدم کڻي زيور واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button