پاڪستانسنڌ

جهنڊو مري ۾ ارڙي وگهي 2 ڀائر فوت، 50 کان وڌيڪ ٻار بيمار

عثمان شاھه ھڙي: جھنڊو مري ۾ ارڙي وبائي شڪل اختيار ڪري وئي، 2 معصوم ڀائر فوت ٿي ويا، 50 کان وڌيڪ ٻارڙا بيماري ۾ مبتلا هجڻ باوجود صحت کاتي جي مقامي عملدارن ڪو نوٽيس نه ورتو. تفصيل موجب جھنڊو مري جي ڳوٺ ڦوٽو خاصخيلي ۾ شوڪت خاصخيلي جا 2 پٽ علي رضا ۽ برڪت خاصخيلي ارڙي سبب فوت ٿي ويا، جڏهن ته وڌيڪ 3 ٻارڙن جي حالت نازڪ آھي. ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 50 کان وڌيڪ ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آهن، پر صحت کاتي جي عملدارن ڪو نوٽيس ناهي کنيو. ڪيترن ئي شڪايتن باوجود به صحت کاتي بيمار ٻارن جي علاج لا ڪي به اپا ناهن ورتا. ان سلسلي ۾ سياسي سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ ڊي سي ٽنڊوالھيار کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڳوٺن ۾ بيمار ٻارن جو علاج ڪرائي سندن زندگي بچائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button