
عثمان شاهھ ھڙي: پيارو لنڊ ٿاڻي جي حد يوسي ميل موري جي ٽاسڪو فارم وٽ ڪڇي برادري جي 3 گهرن کي باھه لڳي وئي. جنهن سبب 3 پورهيتن جمعون ڪڇي، مادو ڪڇي ۽ رازو ڪڇي جا گهر سڙي ويا، گهرن ۾ بيٺل 2 موٽرسائيڪلون، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. ان سلسلي ۾ باھه متاثرن چيو ته مزدوري تي ويل هئاسين، سولر پليٽ جي بيٽري ڦاٽڻ سبب گهرن کي باهه لڳي. هاڻ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، اسان جي واهر ڪئي وڃي.