پاڪستانشوبز

ٽي وي ڊرامن جو سينيئر اداڪار طارق جميل پراچا وفات ڪري ويو

ٽي وي ڊرامن جو سينيئر اداڪار ۽ پروڊيوسر طارق جميل پراچا لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پي ٽي وي تي سيٽ ڊيزائنر طور ڪيريئر شروع ڪندڙ طارق جميل پراچا سڀ کان پهريون ڊرامو “آنچ” ٺاهيو جنهن کي شاندار موٽ ملي. هن اداڪاري جي شعبي ۾ به پاڻ ملهايو. طارق جميل پراچا جي مشهور ڊرامن ۾ “دل مومن”، “سات پردون ۾”، “اُڙان”، “محبت ڇوڙ دي مين ني” ۽ ٻيا شامل آهن. سينيئر اداڪار جي وفات تي ملڪ جي فنڪار برادري سوڳ ۾ وٺجي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button