اسلام آبادپاڪستان

ميدان ۾ لهڻ وقت رانديگر هڪ شئي لاءِ تيار هوندو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن رانديگر ميدان ۾ لهندو آهي ته هر شئي لاءِ تيار هوندو آهي. ڪالهه پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي وزيراعظم مختصر ڳالهايو، ان دوران صحافي وزيراعظم کان سوال ڪيو ته توهان ايڏيون ملاقاتون ڪري رهيا آهيو، ڪا پريشاني ته ناهي؟ جنهن تي عمران خان چيو ته ڪنهن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهيان؟ صحافي وزيراعظم کان سوال ڪيو ته اپوزيشن چئي ٿي اڄ توهان کي سرپرائز ملندو، جنهن تي عمران خان چيو ته رانديگر جڏهن ميدان ۾ لهندو آهي ته هر شئي لاءِ تيار هوندو آهي، جيڪو به مخالفت ڪندو، مان ان کان بهتر ڪندس. جنهن بعد وزيراعظم جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف ۽ اتحادي جماعتن جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن کي بلن تي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button