
ڇاڇرو: ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ عبدالرحماڻي جي غريب پورهيت حبيب الله پٽ روشن الدين راهمون جي ڪکاوين گهر کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب گهر مڪمل طور سڙي رک ٿي ويو ۽ گهر ۾ پيل بسترا، ڪپڙا، زيور ۽ ٻيو سامان سڙي ويو. ڳوٺاڻن مڙسي ڪري باهه وسائي. گهر سڙڻ بعد متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ ويٺل آهي، جنهن گهر ڪئي ته اسان جي واهر ڪئي وڃي.