اسلام آبادپاڪستان

گڏيل اپوزيشن پاران چونڊ سڌارن سميت پاس ڪرايل بل عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف اليڪشن ترميمي بل سميت ٻيا منظور ڪرايل بل عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان اپوزيشن آئيني ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ به چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ هڪ ڪميٽي به قائم ڪئي وئي آهي. ڪميٽي ۾ پيپلز پارٽي جو فاروق ايڇ نائيڪ، ن ليگ جو عطا تارڙ ۽ پيپلز پارٽي جو ئي ڪامران مرتضيٰ شامل هوندو. ان ڏس ۾ ڪالهه پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ مخالف ڌر جي اڳواڻ، جميعت علماءِ اسلام (ف) جي اسعد محمود ۽ ٻين اڳواڻن پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته قانون سازي کي بلڊوز ڪيو ويو، هن ماحول ۾ قانون سازي نه ٿي ٿي سگهي. اسپيڪر اسان جي ڳالهه نه ٻڌي، جڏهن ته اسان جي ميمبرن جو ڀرپور تعداد موجود هو. مخالف ڌر جي ووٽن کي گهٽ ڳڻيو ويو، اپوزيشن به اعتراض ڪيو جنهن کي اهميت نه ڏني وئي. هن چيو ته حڪومت بدمعاشي ذريعي سمورن بلن کي بلڊوز ڪري ڇڏيو، مون اسپيڪر کي چيو ته توهان غلط ڪري رهيا آهيو، 167 مان رڳو 8 ملڪن ۾ اي وي ايم جو استعمال ٿي رهيو آهي. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل اجلاس جا پنهنجا اصول هوندا آهن، عام اجلاس جا الڳ. مون پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر کي قاعدن بابت سمجهايان. هن چيو ته ڪلڀوشن کي اين آر او ۽ اليڪشن ترميمي بل سميت ٻين بلن کي هر فورم تي چئلينج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button