پاڪستانسنڌ

پڊعيدن ۾ رستم شر کي کنڀڻ خلاف جسقم جو مظاهرو

پڊعيدن: جسقم اڳواڻ رستم شر کي مبينا طور گم ڪرڻ خلاف وارثن ۽ جسقم ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن الطاف انصاري، مرتضيٰ شر، ماجد شر، بشير شر، مجاهد لاشاري، نويد اڄڻ ۽ ٻين چيو ته گذريل ڏينهن رستم کي ڪراچي ويندي ڄامشورو ٽول پلازا کان گاڏي مان لاهي نامعلوم هٿياربند کنڀي ويا آهن، جنهن جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي آھي، جنهن ڪري گهرڀاتي سخت پريشان آھن. هنن وڌيڪ چيو ته رستم کي اڳ به کنڀي گم ڪيو ويو هو ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ظاهر ڪري جيل موڪليو ويو هو، هاڻي به خدشو آھي ته رستم کي ڪنهن ڪيس ۾ ڦاسايو ويندو. هنن اختيارين کان نوٽيس وٺي جسقم اڳواڻ جي بازيابي جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button