پاڪستانسنڌ

ٿر ۾ اٽو مهانگو، فرضي چڪين جو انڪشاف، واپارين جا هڪٻئي تي الزام

اسلام ڪوٽ: ٿر ضلعي ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪڻڪ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، جنھن سبب اٽو ساڍا پنج ھزار رپين ۾ مڻ وڪامڻ لڳو.ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي اسلام ڪوٽ واپاري ايسوسيئٔيشن جي صدر ڪلديپ پارواڻي چيو ته ڪڻڪ جا واپاري ڪنري نئون ڪوٽ شهرن جي ماڻهن سميت ڪل چار ڄڻا ھئٔا، جيڪي ٿر کي ڪڻڪ سپلائي ڪندا ھئا، پر تازو ڪشور نالي ھمراھه جيڪو پاڻ کي منسٽر جو ماڻھو سڏائي پرمٽ رکندڙ چڪي مالڪن کان في گاڏي تي ساڍا ٽي لک رپيا رشوت اوڳاڙي رھيو آھي. ڊي ايف سي کي ڏيڍ لک ڏئي پرمنٽون ورتيون، پر انھن پرمٽن تحت ڪڻڪ نٿي ڏني وڃي. سانگھڙ مان ڪڻڪ چڪي مالڪن کي ملي ٿي. جيڪا ڪشور فوڊ کاتي سان ملي ڪري گاڏيون روڪرائي ھاڻ ساڍا يارنھن ھزار ۾ ڏي ٿو، في ٻوري تي ھڪ ھزار کان 15 سئو اوڳاڙيا وڃن ٿا، اھڙي ريت مھيني ۾ ساڍا چار ڪروڙ ڀتاخوري ڪئٔي وڃي ٿي. ٻئٔي پاسي مٺي جي اٽا چڪي فلور مل ايسوسيئئشن صدر ڪشور ڪمار جو چوڻ ھو ته ڪلديپ پارواڻي بليڪ ميل ڪري رھيو آھي، ھن جو ڪو به ذاتي ڪاروبار ناھي، نه فلور مل اٿس، ھي چڪي مالڪن کي يرغمال بڻائي ويٺل آھي، پرمٽن تحت سڀني کي ڪوٽا واري ڪڻڪ فراھم ڪري رھيا آھيون. هوڏانهن ڊي ايف سي ستار ميمڻ رابطو ڪرڻ تي هن معاملي تي ڪو به موقف نه ڏنو ۽ ٿر ۾ بوگس چڪين بابت موقف ڏيڻ کان به لنوائي ويو. فوڊ رڪارڊ موجب ٿر ۾ 147 چڪيون آھن، جڏھن ته خوراڪ کاتي جي عملدارن ھڪ کيتو آٽا چڪي نالي بوگس چڪي جي پرمنٽ جاري ڪئي آھي، جنهن جي پرمنٽ ڪاپي ميڊيا کي ھٿ آئي آهي، ان چڪي جو ڪٿي ڪو نالو نشان ناھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button