پاڪستانسنڌ

اجمل ساوند قاتلن کي گرفتار ڪري ڪٽهڙي ۾آندو وڃي:عوامي تحريڪ

ٺري ميرواهه: انسان دشمن جاگيرداري، وڏيرڪي ۽ سرداري نظام جي هٿان ناحق قتل ڪيل سنڌ جي نوجوان پروفيسر اجمل ساوند جي ياد ۾ عوامي تحريڪ ضلعي خيرپورميرس طرفان ٺري ميرواهه پريس ڪلب ۾ “تعزيتي ميڙاڪو” ڪوٺايو ويو.تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، نور احمد ڪاتيار، ستار رند، ڪامران منگي، مدد لغاري، وطن دوست جمهوري پارٽي جي اڳواڻ محمد اسحاق شر، امير علي منگي، سارنگ راجا ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت کي هٿي ڏئي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائي ملڪ خصوصن سنڌ کي افغانستان جيان جنگ جو ميدان بڻائڻ جي آمريڪي سامراجي قوتن طرفان سازش ڪئي وئي آهي، آمريڪي سازشون ۽ مداخلتون ڪري افغانستان، عراق، لبنان، شام سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ رت جون نديون وهائڻ کانپو هاڻي سنڌ کي ٽارگيٽ ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جا بارڊر کليا پيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته منشيات فروش ۽ دهشتگرد وڏا طاقتور بڻجي ويا آهن جو اهي ملڪ جي پارليامينٽ تي به اثرانداز ٿي رهيا آهن، سنڌ هائي ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري ڌاڙيلن، دهشتگردن ۽ منشيات فروشن جي فائدي واري قانونسازي ڪئي پئي وڃي. پرڏيهين کي سنڌ جي شهريت ڏيڻ وارو محسن داوڙ جو بل به ان ئي سازش جي ڪڙي آهي، سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته انهن سمورن پرڏيهين کي 2018ع جي اليڪشن کان اڳ ملڪ نيڪالي ڏيو پر آمريڪي سامراجي حڪمن تحت محسن داوڙ انهن دهشتگردن کي سنڌ جي شهريت ڏئي کين هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ لا نيشنل رفيوجيز بل 2023ع پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو جنهن تي پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي سميت سموريون ڌريون خاموش رهيون، پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي اقتدار خاطر سنڌ جو سودو ڪرڻ لا تيار آهن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. قبائلي جهيڙن ۾ ٿيندڙ قتلن جا فيصلا قبائلي سردارن جي جرڳن بدران عدالتن ۾ ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button