پاڪستانسنڌ

ورڪشاپ ۾ هارين جو بااثر زميندار خلاف احتجاج

ورڪشاپ: ورڪشاپ لڳ منگلي ٿاڻي جي حد چڪ 96 ۾ ھاري ھوت شيخ سان انصاف نه ٿيو. هاري هوت شيخ ۽ نائب شيخ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته زميندار رسول بخش گدارو زبردستي 99 ٻوريون ان جون کڻي وڃڻ بعد اسان جي گهرن کي باهيون ڏئي ساڙيو ھو، جنهن سبب الهه تلهه رک ٿي ويو، اسان ٻن ڏينهن جان بچائڻ لا دربدر آهيون، اڄ وري زميندار اسان جو آواز دٻائڻ ۽ ڦاسائڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي الزام هنيو آهي ته هاري منهنجي ڪڻڪ چوري ڪري گھرن ۾ ساڙي آهي، اسان کي زميندار ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائڻ چاهي ٿو، اسان جا گهر ساڙي بي گهر ڪيو ويو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي زميندار رسول بخش گدارو ٻڌايو ته منهنجا هاري منهنجي 99 ٻوري ڪڻڪ کڻي ويا، اسان انهن جي گهرن کي گهيرو ڏنو ته شيخ ڌر ماڻهن گهرن کي باهھ ڏئي گهرن ۾ منهنجي چورايل ڪڻڪ ساڙي ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button