پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ مقابلي ۾ ماريل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ويجهو ڳوٺ اسماعيل لنڊ ۾ ڪجهھ ڏينهن اڳ سي آئي اي پوليس ٽنڊوالهيار پاران مبينا مقابلي ۾ ماريل نوجوان سليمان لنڊ جي وارثن لطيف گيٽ سامھون احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي. ڊاسوڙي ٿاڻي جي ڳوٺ اسماعيل لنڊ ۾ ڪجهھ ڏينهن اڳ پوليس مقابلي ۾ سليمان لنڊ مارجي ويو ھو. سليمان لنڊ جي وارثن لطيف گيٽ سامهون احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج شروع ڪيو. ان موقعي تي منو خان لنڊ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان خلاف انتقامي ڪاروائي ڪئي وئي آهي، اسان تحريڪ انصاف اڳواڻ علي پلھه کي ووٽ ڏنا، جنهن تي پ پ ايم پي اي ضيا عباس شاهھ ۽ ان جا ماڻھو اسان کي مسلسل تنگ ڪندا رهيا ۽ اسان تي ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪرايا ويا. ٽنڊوالهيار پوليس نوجوان سليمان لنڊ کي بيگناهھ ماري ڇڏيو. نوجوان ڏوهاري هو ته ان کي گرفتار ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ها، پر پوليس سياسي ونگار وھندي سليمان مٿان سياسي ماڻهن جي چرچ تي ڪوڙا ڪيس مڙھيا ۽ نوجوان کي گھر مان کنڀي گھٽي ۾ سرعام ماريو، ڪو به مقابلو نه ٿيو آهي. هنن آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي سي آئي اي انچارج اسلم لانگاهھ چيو ته سليمان ڏوهاري هو، هو پوليس کي 18 ڪيسن ۾ گهربل هو، ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪرڻ وياسين ته سليمان ۽ سندس ساٿين پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن بعد مقابلي ۾ هو مارجي ويو ۽ سندس ساٿي فرار ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button