اسلام آباد:اسلام آباد ڪيپيٽل پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف غداري ڪيس ۾ خاص جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب اسلام آباد ڪيپيٽل پوليس ڪيس نمبر 255/23 رمنا ٿاڻي تي اسپيشل جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڊي آءِ جي آپريشنز سيد شهزاد نديم بخاري اسپيشل جي آءِ ٽي جو ڪنوينر هوندو. جڏهن ته ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا نمائندا به جي آءِ ٽي ۾ شامل هوندا. اسلام آباد ڪيپيٽل پوليس جو چوڻ آهي ته ادارو قانون لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اسلام آباد پوليس آفيسرن خلاف پروپيگنڊا ۽ بي بنياد الزام هڪ منظم پلان جو حصو آهن. اسلام آباد پوليس ضمانت تي آزاد سمورن جوابدارن کي عدالتن ۾ پيشي دوران سيڪيورٽي فراهم ڪئي. سمورا ڪيس قانون موجب داخل ڪيا ويا آهن ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد پوليس قانون جي حڪمراني لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close