اسلام آبادپاڪستان

چيف جسٽس سمورا اختيار کسي جڊيشل مارشل لا لاڳو ڪيو:فضل الرحمان

اسلام آباد :حڪومتي اتحاد جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته چيف جسٽس سمورا اختيار کسيندي جڊيشل مارشل لا لاڳو ڪيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن، پارليامينٽ ۽ حڪومت جا اختيار کسيا، اليڪشن شيڊول به ڏنو، رجسٽرار سپريم ڪورٽ جي مقرري حڪومت جو اختيار آهي پر چيف جسٽس هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي روڪيو ۽ جڊيشل مارشل لا لاڳو ڪيو. هن چيو ته پارليامينٽ قانون جي منظوري ڏئي ٿي، ايڪٽ اڃا نه ٺهيو آهي، پر چيف جسٽس بينچ ٺاهي ڇڏي آهي، آئيني طور اختيار ورهايل آهن، پوءِ مداخلت ڇو ٿي رهي آهي؟ ڪنهن اداري کي ڪنهن ٻئي اداري جي دائري ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته عمران خان سياست جو هڪ غير ضروري عنصر آهي، سياست ايتري خراب ٿي وئي آهي جو اسان ساڻس ڳالهين جي ڳالهه ڪندا آهيون، ساڻس ڪڏهن به ڳالهيون نه ڪنداسين. هن چيو ته 2018ع ۾ ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ ڌانڌلي جي حمايت ڪري رهي هئي، ڇا اسان موجوده اسٽيبلشمينٽ کي گذارش ڪري سگهون ٿا ته ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جي ان غير قانوني ڏوهه جو احتساب ڪري سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button