
ميھڙ: ميھڙ ڀرسان ڳوٺ خيرو ڀٽي ۾ قائم مسجد عائشه جي پيش امام غلام عباس کوسو پنھنجي معصوم ٻارن پٽ ياسين، نياڻين عائشه، ڪلثوم ۽ آسيه سان گڏ آزاد پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. هن چيو ته خيرپور ناٿن شاهھ ۾ بائي پاس تي 6 سالن کان قائم مسجد عائشه جنهن جا متولي ساجد شيخ ۽ اقبال شيخ آهن، 4 مھينا اڳ بااثرن ديدار کوسو، اعظم کوسو، فتاح کوسو ۽ منٺار کوسو مسجد سڀاليندڙن تي حملو ڪري قبضو ڪري ويٺا آھن، جنهن جو ڪيس به داخل ٿيل آهي، پر جوابدارن بنا جواز مون تي حملو ڪري مون کي ڌڪ ھنيا ۽ الزام ھنيو ته ڪيس ۾ اسان جي مٿان شاھد تون ڇو ٿيو آهين. ھن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي چيو ته مان ان ۾ شاھدي نه ڏني آھي، بااثر جوابدار مون کي ۽ منهنجي گھرڀاتين کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آهن. ھن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.