پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ نوجوان ۽ ڇوڪري کوهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر ۾ جوڙي کوھه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. نوجوان ۽ ڇوڪري جا هٿ هڪٻئي سان ٻڌل هئا. نوجوان پاران لکيل چٺي ۾ وارثن کي تنگ نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ننگرپارڪر جي ڳوٺ سوراچند ۾ آچر واري رات جو 20 سالن جي نوجوان آصف پٽ اسماعيل شورو ۽ 17 سالن جي ناري درگا عرف لڇمي ڪولهڻ گڏجي ھڪٻئي جو ھڪ ھڪ ھٿ ھڪٻئي جي ھٿ ۾ ٻڌي ڳوٺ ٻاھران 40 فوٽ پاڻي سان ڀريل 70 فوٽ اونهي پراڻي کوھه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته پريمي جوڙي رات دير سان کوهھ ۾ ٽپو ڏنو، اسان کي صبح سوير ڳوٺ جي ھڪ ڇوڪري اچي اطلاع ڪيو ته کوهھ ٻاھران موبائل فون، چپل ۽ شناختي ڪارڊ پيل آھن، جنھن تي اسان وڃي ڏٺو ۽ پوليس کي اطلاع ڪيو، ڳوٺاڻن وڏي ڪوششن بعد ٽوٻا گھرائي لاش ٻاهر ڪڍرايا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنھي لاشن کي تعلقي اسپتال ننگرپارڪر منتقل ڪيو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس صحافين کي ٻڌايو ته خودڪشي ڪندڙ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري هڪٻئي کي پسند ڪندا هئا ۽ شادي نه ٿيڻ تي دلبرداشته ٿي کوهھ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو. پوليس جو وڌيڪ چوڻ ھو ته خودڪشي ڪندڙ آصف شورو پاران لکيل مبينا خط هٿ آيو آهي، جنهن ۾ هن عشق ۾ ناڪام ٿيڻ تي خودڪشي جو لکيو آهي ۽ چيو ته اسان جي موت کانپوءِ مائٽن کي ڪنهن اداري پاران تنگ نه ڪيو وڃي. خودڪشي ڪندڙ جوڙي جا ھڪ پاسي وارا ٻئي ھٿ پاڻ ۾ ٻڌل ھئا. واضع رهي ته ڳوٺ ڪوئاڙا ۾ به ڏيڍ مهينو اڳ جوڙي وڻ ۾ ڦاهو کاڌو هو، هلندڙ سال ننگرپارڪر تعلقي ۾ 20 کان وڌيڪ خودڪشين جا واقعا پيش اچي چڪا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button