پاڪستانسنڌ

ڏيپلي ۾ ثمن لهاڻو کي پرڻائڻ ۽ جرڳائي پٽيلن خلاف هڙتال، ڌرڻو

مٺي/ڏيپلو: ڏيپلو ۾ نوجوان ناري ثمن لهاڻو کي مبينا جبري مذھب مٽرائي اجنبي شخص سان پرڻائڻ ۽ ڳوٺ سينهر کوهي جي رائيچند کي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ خلاف شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته نوجوان اتحاد، واپارين، عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف ڪارڪنن وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي تحريڪ انصاف اڳواڻ ارباب عمران ۽ ارباب سميع الله چيو ته اسان به مسلم آھيون، پر اسان جو مذھب اسلام زبردستي هندو نياڻين کي کڻي وڃي ڪلمو ڀرائي مسلمان ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏي. اهو هندو برادري سان ظلم آھي، اسان اهڙي ظلم خلاف هندن جو ساٿ ڏينداسين. عوامي تحريڪ جي محمد عمر بجير، فاروق مريداڻي ۽ وڪيل قيمترا ڳالهائيندي چيو ته ڪو ماڻهو پنهنجي ذاتي مفاد خاطر ڪنهن جي نياڻي کڻي مسلمان ڪرڻ جي دعوى ڪري ٿو ته اهو اسلام جو ٺيڪيدار نٿو ٿي سگهي. ڪجهه بااثر ماڻهو هندو برادري کي لڏائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. لوئي ۽ لڄ جا رکوالا ٿر جا بي تاج بادشاه ارباب هن مسئلي ۾ ساٿ ڏين، نه ته ٿر مان امن جو پکي هميشه لا اڏري ويندو. واپاري شھديو، اشوڪ، ڊاڪٽر رميش، ابراهيم لنڊ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٿرپارڪر ۾ هندو ۽ مسلم جو ڀائيچارو ختم ڪرڻ ۾ فساد پکيڙڻ لا هندو نياڻين کي کڻي وڃي زبردستي اسلام قبول ڪرايو وڃي ٿو، اسلام ڪڏهن به زبردستي نياڻي کڻي زوري اسلام قبول ڪرائڻ جي اجازت نٿو ڏي. ڪابه نياڻي ما، ڀيڻ، ڀا جهڙا رشتا ڪجهه ڪلاڪن ۾ وساري نٿي سگهي. عمران باغي چيو ته اهڙن ماڻهن کي اسلام جي ڪا ڄاڻ ناهي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي ته ثمن سميت هندو نياڻين جو زوري مذھب مٽائڻ بند ڪرائي جرڳائي پٽيلن کي قانوني جي ڪٽھڙي ۾ آڻي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button