پاڪستانسنڌ

نوابشاهه ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ گونگو نوجوان زخمي

نوابشاهه: نوابشاهه ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ گونگو نوجوان گوليون هڻي زخمي، وارثن جو احتجاج. خبر موجب تعلقي دوڙ جي ڳوٺ حاجي بهار مري جو رهواسي گونگو نوجوان مسرور مري نوابشاهه مان عيد جي شاپنگ ڪري پنهنجي ڳوٺ واپس وڃي رهيو هو ته بالو جا قبا ٿاڻي جي سول ڊريس ۾ ملبوس اهلڪارن مبينا مقابلي ۾ گولي هڻي زخمي ڪري وڌو ۽ فرار ويا. جڏهن ته ڀرپاسي پاسي جي رهواسين نوجوان مسرور گونگي کي پي ايم يو اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو. اطلاع تي نوجوان جا وارث اسپتال پهچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺ حاجي بهار مري جي نيڪ مرد فيض مري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو نوجوان مسرور مري گونگو آهي، هو عيد جي شاپنگ ڪري واپس ڳوٺ اچي رهيو هو ته بالو جا قبا ٿاڻي جي چئن سول ڊريس ۾ ملبوس اهلڪارن گوليون هڻي زخمي ڪيو آهي، بالو جا قبا پوليس ڏوهارين خلاف قدم کڻڻ بدران غريبن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي. هنن ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته بالو جا قبا ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي فوري طور معطل ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button