عثمان شاھه ھڙي: ورڪس اينڊ سروس کاتي جي صوبائي وزير سيد ضيا عباس شاهه رضوي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته سنڌ جو جيڪو روڊن جو نيٽ ورڪ آهي، ان کي بهتر بڻايو وڃي، پ پ سنڌ ۾ روڊن جا ڄار وڇايا آهن ۽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ روڊن جو بهترين نيٽ ورڪ آهي، جنهن جي ڪري گذريل برساتن ۾ امدادي ڪمن ۾ اسان کي ڪا به تڪليف نه ٿي. اهڙي خيالن جو اظهار هن ٽنڊوالهيار لڳ ڳوٺ شاهپور رضوي ۾ رضوي هائوس تي تڪ جي ماڻهن سان عيد ملڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هن سال جون تائين اسان جي ميگا پروجيڪٽن مان 6 هزار 6 سئو ڪلو ميٽر روڊ مڪمل ڪيا ويندا، نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعلي مراد شاهه جون خاص هدايتون آهن ته جتي فنڊ جي ضرورت هجي، حڪومت کان فنڊ وٺي روڊ مڪمل ڪيا وڃن. صوبائي وزير چيو ته چاهيون ٿا ته فيئر اليڪشن ٿين ۽ سموري ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن اليڪشن ٿئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close